اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کربين رپين جي سيلز ٽيڪس فراڊ جي نشاندهي ڪندڙ ايف بي آر جي سينيئر آ??يس?? اعجاز حسين ک?? 50 ??ک روپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب ايف بي آر جي سينيئر آ??يس?? اعجاز حسين کربين رپين جي سيلز ٽيڪس فراڊ جي ڪوشش جي وقت سر نشاندهي ڪندي ڪارروائي ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايف بي آر جي سينيئر آ??يس?? اعجاز حسين جي فرض شناسي کي ساراهيندي سندس ايمانداري جي اعتراف ۾ ان جي لاءِ 50 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪيو ۽ کيس اعزازي شيلڊ پڻ ڏني. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۾ فرض شناس آ??يس??ن ۽ پنهنجي پيشي سان مخلص باصلاحيت ماڻهن جي کوٽ نه آهي، ضرورت ان ڳالهه جي اهي ته اهڙن ايماندار ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي.