اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاق?? وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ترڪيه سان جوائنٽ وينچر سميت س??ڙپ??اري جا بهترين موقعا موجود آهن، ڪاروباري برادري کي سفري سهولتن جي فراهمي سان ڪاروباري سرگرمين ۾ واڌ ٿيندي. اها ڳالهه هن ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ ترڪيه ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻه طر??ن ناتن کي هٿي ڏيڻ ۽ مختلف معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. نجڪار?? وزارت مطابق ملاقات دوران ڳالهائيندي وفاق?? وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستاڻن ناتن کي ڀائيواريءَ ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا. هن ترڪيه جي سفير سان گڏيل س??ڙپ??اري کي هٿي ڏيڻ تي به ڳالههه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته ترڪيه جو ترقي جو ماڊل متاثر ڪندڙ آهي ۽ پاڪستان به ان ماڊل مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان ۾ مواصلات سميت مختلف شعبن ۾ سيرپڪاري جا وسيع ۽ پُرڪشش موقعا موجود آهن. وفاق?? وزير وڌيڪ چيو ته روڊ نيٽ ورڪ بهتر بڻائڻ وڏو چئلينج آهي، شاهراهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ئي ترقي جا هدف حاصل ڪري سگهجن ??ا. وفاق?? وزير چيو ته اسان جو ڪم ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادريءَ کي ويجهو آڻڻ آهي، باقي ڪم پاڻ ئي شروع ٿي ويندو. وفاق?? وزير وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي ڪمپنين کي ترڪيه ۽ پاڪستان ۾ پُرڪشش منافعو حاصل ڪرڻ جو موقعو ملڻ گهرجي. ترڪش سفير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان سان هر ممڪن سهڪار هوندو، ٻه طرفي س??ڙپ??اري لاءِ قابل عمل ماڊل تي عمل ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته ترڪيه پاڪستان سان پنهنجن ??اتن کي باقاعده ۽ اداره جاتي شڪل ڏيڻ چاهي ٿو، اسان جي گڏيل صورتحال موافق، مقصد واضح ۽ منزل هڪ آهي.