اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پوليو ورڪرز جي ??يڪيورٽي کي ڪنهن به طور تي نظرانداز نٿو ڪر?? سگهجي، ان سلسلي ۾ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ پوليو کان متاثر ٻار?? جي ڪيسز جو انگ وڌي رهيو آهي جنه?? جي لاءِ اڃا وڌيڪ گڏيل ڪوششن جي ??رورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم سان پوليو جي ??اتمي واري ٽيم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾و زيراعظم جو قومي صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ، وزيراعظم جي پوليو جي ??اتمي بابت فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق، قومي صحت وارو وفاقي سيڪريٽري نديم محبوب، نيشنل ڪوآرڊينيٽر نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر انوارالحق، صحت جي ??المي اداري جو ڊپٽي نيشنل ٽيم ليڊر ڊاڪٽر صوغائر ۽ سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينشن جو سينيئر ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد صفدر شامل هئا. وزيراعظم چيو ته بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي ??ريڪ چيئرمي?? بل گيٽس مون کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن پاڪستان ۾ جاري پوليو جي ??اتمي واري مهم ۽ ان مهم جي لاءِ ڪم ڪندڙ سمورن پوليو جي ??اتمي وارن ورڪرز جي ڏينهن رات محنت کي ساراهيو آهي. وزيراعظم چيو ته بل گيٽس فائونڊيشن ۽ سمورن ملڪي ۽ عالمي حصيدارن جا ٿورائتا آهيون جن جي ??مايت ۽ تعاو?? جي ڪر?? پاڪستان ۾ صحت جي ??عبي ۾ اهم قدم کنيا پيا وڃن ۽ پوليو کي پاڪستان مان ختم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون پيون وڃن. وزيراعظم چيو ته صحت جي ??مورن شعبن بشمول پوليو جي ??اتمي ۾ ٽيڪنالاجي ??ي استعمال کي وڌايو پيو وڃي ته جيئن عوامي صحت ۽ سارسنڀال جي نگراني جي ??مل کي جديد رخن تي قائم ڪر?? سگهجي ۽ بهتر نتيجا حاصل ڪر?? سگهجن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پوليو جي ??اتمي واري مهم دوران لاڳاپيل ماڻه?? جي پوليو کان وڌيڪ متاثر علائقن جي ??ورن جو منظم روسٽر جوڙيو وڃي ته جيئن انهن مهمن کي اڃا وڌيڪ لاڀائتو بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ پوليو کان متاثر ٻارن جو انگ وڌي رهيو آهي، جنه?? جي لاءِ وڌيڪ گڏيل ڪوششن جي ??رورت آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پوليو ورڪرز جي ??يڪيورٽي کي ڪنهن به طور تي نظرانداز نٿو ڪر?? سگهجي ۽ ان سلسلي ۾ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن. وزيراعظم کي پوليو جي ??اتمي جي ??ازي مهم ۽ ا?? جي نتيجن تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مقامي ماڻه?? جي مدد سان پوليو جي ??اتمي واري تحريڪ کي ڪامياب بڻايو پيو وڃي.