اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ڊسمبر ۾ 1328 ار?? روپين جو محصول وصول ڪيو. اها ڳالهه ناڻي واري وزير جي صلاحڪار شهزاد پنهنجي بيان ۾ چئي. هن چيو ته ڊسمبر لاءِ مقرر ڪيل هدفن جو 97 سيڪڙو حاصل ڪري ورتو آهي. جون 2024ع کانپوءِ ايف بي آر پهريون ڀيرو وصوليون ڪيون آهن، جون ۾ 1190 ار?? روپين جو محصول وصول ڪيو هو. هن چيو ته ايف بي آر ڊسمبر 2024ع ۾ 70 ار?? روپيا ري فنڊ جاري ڪرڻ باوجود وڌيڪ وصوليون ڪ??ون?? گذريل سال ڊسمبر ۾ ري فنڊ جي مد ۾ 38 ار?? روپيون جون ادائيگيون ڪيون ويون هيون. جاري مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ ايف بي آر مجموعي طور تي 5.625 ٽريلين روپيون جو وصوليون ڪ??ون?? جيڪي ان مدي جو مجموعي هدف جو 94 سيڪڙو آهي. هن چيو ته جي ڊي پي جي تناسب سان ٽه ماهي بنيادن تي ٽيڪسن جي شرح 10.8 سيڪڙو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف جو هدف 10.6 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو هو، جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جو هدف چار سالن جي بلند ترين سطح ??ي آهي.