ڪراچي-03 جنوري (اي پي پي) پاڪستان نيوي فليٽ جي سالياني ايفيشنسي ڪامپيٽيشن پريڊ پاڪستان نيوي ڊاڪيارڊ ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿي، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف تقريب ۾ خاص مهمان ط??ر شرڪت ڪئي. پاڪ بح??يه طرفان جاري پڌرائيءَ موجب اها تقريب پاڪ بح??يه جي بحري جهازن، آبدوزن ۽ هوائي جهازن لاءِ پيشيوراڻي طور تي ڪامياب ۽ اهم آپريشنل سال جي پڄاڻيءَ جي نشاندهي ڪري ٿي. ڊاڪيارڊ ڪمانڊر پاڪستان فليٽ ريئر ايڊمرل عبدالمنيب مهمان خاص جي آجيان ڪئي ۽ چست جٿي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. چيف آف دي نيول اسٽاف پنهنجي خطاب ۾ پاڪ بح??يه جي فليٽ جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو. هن 2024ع جي آپريشنل مقصدن ۽ هدفن کي ڪاميابيءَ سان حاصل ڪرڻ تي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيوراڻي مهارتن ۽ لڳن جي تعريف ڪئي. ايڊمرل نويد اشرف ميري ٽائيم سيڪيورٽي ۽ پاڪستان جي سي لائنز آف ڪميونيڪيشن جي تحفظ لاءِ پاڪستان نيوي فليٽ جي خدمتن کي ساراهيو. نيول چيف اسٽريٽجڪ ميري ٽائيم زون خاص طور تي گوادر پورٽ ۽ سي پيڪ جي ميري ٽائيم سان لاڳاپيل منصوبن جي حفاظت کي يقيني بنائڻ لاءِ پاڪ بح??يه جي ڪوششن تي روشني وڌي. ٻي طرف هن خطي ۾ اُڀرندڙ ميري ٽائيم سيڪيورٽي ماحول جو به ذڪر ڪيو جنهن جي پيش نظر پاڪ بح??يه کي هميشه پنهنجي بحري سرحدي جي دفاع لاءِ تيار رهڻ ضروري آهي. ٻئي پاسي پنهنجي آجياڻي خطاب ۾ ڪمانڊر پاڪستان فليٽ گذريل سال دوران پي اين فليٽ جي اپريشنل ڪاميابين تي روشني وڌي. هن ٻُڌايو ته پاڪ بح??يه جي فليٽ سڄو سال جنگي تيارين جي اعليٰ معيار کي برقرار رکيو جڏهن ته بحري جهازن ملڪي ۽ـ پرڏيهي سمنڊن ۾ ٻه طرفي ۽ گهڻ رُخ مشقن ۾ حصو ورتو. تقريب دوران پاڪ بح??يه جي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ اسڪواڊرنز ۽ يونٽس کي ايفيشنسي ايوارڊ ۽ ٽرافيون پيش ڪيون.