اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هائوسنگ ۽ تعميرات جي شعبي جي ترقي لاءِ مراعتن ۽ سهولتن جو اعلان ڪندي نئين پاڪستان هائوسنگ پراجيڪٽ لاءِ 30 ارب روپين جي سبسڊي مختص ڪري ڇڏي آهي، پهرين هڪ لک گهرن جي تعمير تي في گهر 3 لک روپيا سبسڊي ڏني ويندي، قرض جي صورت ۾ مارڪ اپ جي شرح پنج مرلي جي گهر جي لاءِ 5 سيڪڙو ۽ 10 مرلي جي گهرن جي لاءِ 7 سيڪڙو هوندي، اين او سي ۽ ٻين سهولتن جي لاءِ صوبن ??ان گڏجي ون ونڊو آپريشن جو آغاز ڪيو ويو آهي، سستن گهرن جي تعمير تي ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، گهر جي خريداري تي آمدني جا ذريعا نه پڇيا ويندا، سمورا ماڻهو 31 ڊسمبر تائين حاصل سهولتن مان هر ممڪن فائدو کڻن، هائوسنگ ۽ تعميرات جي شعبي کي ترقي ڏيڻ ??ان ملڪي معيشت کي استحڪام ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي پهرين اجلاس کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ هائوسنگ ۽ تعميرات جي شعبي جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون ۽ مشڪلاتون هيون جنهن کي ختم ??رڻ جي لاءِ قومي رابطا ڪميٽي جوڙي وئي. هن چيو ته نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جا مقصد حاصل ??رڻ جي لاءِ مختلف ر??ن ۾ ڪم ڪيو پيو وڃي، گهرن جي لاءِ قرضن جي سهولت بابت قانون نه هو جنهن تي ڪم جاري آهي، صوبن ??ان گڏجي تعميرات جي صف بابت رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، هن چيو ته هائوسنگ ۽ تعمرات جي شعبي جي ترقي ??ان جتي عام ماڻهن کي پنهنجو گهر بڻائڻ جي سهولت حاصل ٿيندي، اتي روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا ۽ تعميراتي صنعتن جو ڦيٿو هلڻ ??ان ملڪي معيشت کي به استحڪام ملندو.