فيصل آباد – 02 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ميان فرخ حبيب چيو آهي ته ڪورونا وب?? جي ٽئين لهر پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي جڏهن ته حڪومت ڪورونا وبا کي منهن ??يڻ جي لاءِ ڀرپور ??دم کڻي رهي آهي ۽ فيصل آباد ۾ اڳ کان قائم 6 ڪورونا ويڪسي نيشن سينٽرز جي انگ کي وڌائي 11 ڪيو پيو وڃي ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ وڌ کان وڌ ماڻهو انهن مان فائدو کڻي س??هن. ٻنپهرن جو ڪورونا ويڪسي نيشن سينٽر اسپورٽس ڪمپليڪس سمن آباد فيصل آباد جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن ??يو ته نئين ويڪسينيشن سينٽرز تي ڏهاڙي 20 هزار ماڻهن جي اضافي ويڪسي نيشن ڪري س??هبي جڏهن ته پنجاب حڪومت جي ويڪسي نيشن مهم بهترين هلي رهي آهي ۽ حڪومت جا ڪورونا قدم هر سطح تي ساراهيا ويا آهن. هن ??يو ته ڪورون?? جي وبا اچڻ تي اسان وٽ رڳو 400 ڏهاڙي ٽيسٽ ڪرڻ جي صلاحيت هئي پر هاڻي ڏهاڙي هزارين ٽيسٽ ڪيا پيا وڃن.