اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ف??خ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اسلامو فوبيا، ناموس رياست جي تحفظ، گڏيل قومن ۽ او آءِ سي سميت هر فورم تي نه رڳو آواز بلند ڪري رهيو آهي پر عملي قدمن جي لاءِ هر وقت تيار رهندو آهي، اولهندي ملڪن کي خط لکڻ جو معاملو هجي يا آواز بلند ڪرڻ هجي عمران خان هر جاءِ تي پنهنجي ذميداري ادا ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو سچو عاشق رسول ﷺ آهي، فلسطينن، ڪشميرين سان ڪلمه طيبه جو رشتو آهي، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو مضبوط نه آهي. هو جمعي ڏينهن درٻار عاليه ??يدگاهه شريف ۾ فلسطين سان يوم يڪجهتي جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير ف??خ حبيب چيو ته حڪومت جمعي تي يوم يڪجهتي فلسطين ملهائڻ جو اعلان ڪيو جنهن کي پوري پاڪستان ۾ ڀرپور انداز ۾ ملهايو ويو، اسرائيل 27 هي?? روزي تي قبله اول مسجد اقصيٰ ۾ جنهن انداز سان ظلم شروع ڪيو ويو ان جو مثال نٿو ملي، 250 کان وڌيڪ ٻار شهيد ڪيا ويا، ڪٿي آهن انساني حقن جون تنظيمون، هن چيو ته جنهن هڪ ناحق قتل ڪيو ان پوري انسانيت جو قتل ڪيو، فلسطين ۾ ٿيندڙ ان ڏکوئيندڙ منظرن تي ڪو به مس??ما?? خاموش نٿو ويهي سگهي، هن چيو ته جڏهن فلسطين تي حملو ٿيو ته ان وقت وزيراعظم عمران خان مديني ۾ روضه رسول ﷺ ??ي موجود هو ۽ اتان کان فلسطين تي ٿيندڙ حملي تي آواز بلند ڪيو، مملڪتي وزير ف??خ حبيب چيو ته عمران خان جي هدايتن تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس تائين جو سفر ڪاميابي سان طئي ڪيو، هن چيو ته عمران خان نه رڳو پاڪستان پر مس??ما?? امت جو ترجمان بڻجي اڀريو آهي، عمران خان انهي طرح ڪشمير مسئلي تي به موثر آواز بلند ڪيو آهي، جتي ج??ي مس??ما??ن تي ظلم ٿي رهيو آهي اتي پوري مس??ما?? امت کي متحد ٿي آواز بلند ڪرڻو پوندو، ان سان موثر ۽ طاقتور آواز ڪو ٿي نٿو سگهي.