اسلام آباد – 05 جون (??ي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي 2021ع جي ??امياب ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد پيش ڪندي ماحوليات جي شعبي جي ترقي لاءِ گڏجي ??م ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب ۾ پاڪستان ۾ چين جي سفير صدر شي جن پنگ جو پيغام پڙهي ٻڌايو. وز??را??ظم عمران خان، پارليامينٽ جا ميمبر، غير ملڪي سفارتڪار، ماحوليات جا ماهر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. چيني صدر ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي پاڪستان جي ميزباني ۾ ڪامياب انعقاد ۽ گڏيل قومن جي ??هاڪي ايڪو سسٽم 2021ع کان 2030ع ج?? آغاز کي سارهيو. هن چيو ته تهذيبن جي خوشحالي لاءِ قدرتي ماحول سان گڏ پائيدار تعلق هموار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان حوالي سان عالمي برادري کي ذميداراڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.