اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته موجوده حڪومت جي زرعي شعبي جي بحالي لاءِ کن??ل قدمن جي ڪري ننڍن آبادگارن کي ان جي محنت جو جائز منافعو مليو آه?? جنهن سان انهن جي زندگي جو معيار بهتر ٿيڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي معيشت تي ??ه مثبت ??ثر پئجي رهيا آه??. وزيراعظم عمران خان سان نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزير سيد فخر امام ملاقات ڪئي، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزير وزيراعظم کي ملڪ ۾ ڪڻڪ، چانورن، مڪئي، مڱ، بصرن ۽ پٽاٽن جي رڪارڊ پيداوار ۽ لائيو اسٽاڪ جي بحالي جي ڏس ۾ کن??ل قدمن جي حوالي سان آگاهه ڪيو.