اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل تجويز ڪيل نيشنل اليڪٽريسٽي پ??ليسي 2021ع جي مسود?? تي وڌيڪ غور لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو 46 هون اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو، ا??لاس ۾ نيشنل اليڪٽريسٽي پ??ليسي 2021ع جي مسود?? تي تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڄاڻايل پاليس?? تي وڌيڪ غور لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو يو جيڪو سومر ڏينهن ٿيندڙ سي سي آءِ جي ايندڙ اجلاس ۾ حتمي مسودو پيش ڪندي، ڪميٽي ۾ ناڻي وارو وزير، توانائي وارو وزير، قانون وارو وزير، بجلي بابت خاص مددگار ۽ صوبائي وڏا وزير شامل آهن.