اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حليم عادل شيخ تي حملو بزدلاڻو فعل آهي، سنڌ حڪومت جي ڪرپشن کي بي نقاب ڪرڻ تي ??يس انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو پيو وڃي، حليم عادل شيخ سنڌ جي عوام جو ??واز بڻجندو رهن??و. ??نهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اڳ ۾ ان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو، هاڻي ان تي حملا ڪيا پيا وڃن جيڪو هڪ بزدلاڻو فعل آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته جمهوريت ۽ اظهار راءِ جي آزادي جو ??اڳ آلاپيندڙ سنڌ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي آواز کي خاموش ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته پوري سنڌ حڪومت ۽ حڪومتي مشينري پي ٽي آءِ جي اڳواڻ حليم عادل شيخ کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿي. اهڙي قسم جون سموريون بزدلاڻيون ڪارروايون صوبائي حڪومت جي چوڻ تي ??يون پيون وڃن جن جو مقصد پيپلزپارٽي جي ڪرپشن تي پڙدو وجهڻ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ سنڌ جو ??نفراسٽرڪچر تباهه حال آهي جڏهن ته تعليمي ادارا چوپائي مال جا ??اڙا بڻجي چڪا آهن. حليم عادل شيخ سنڌ جي عوام جو ??واز بڻجندو رهندو.