اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي هر شهري کي اپيل ڪئي آهي ته اهي هلندڙ برسات جي موسم ۾ هڪ وڻ ضرور لڳائين ۽ ان جي سارسنڀال به ڪن. ”??وه??ن جو وزيراعظم ??وه??ن سان گڏ“ پروگرام ۾ عوام جي سوالن جا سڌوسنئون جواب ڏيندي عمران خان عوام کي تاڪيد ڪئي ته برسات ۾ هڪ وڻ ضرور لڳائين ۽ ان جي سارسنڀال به ڪن، ملڪ ۾ بيدردي سان وڻ ڪاٽيا ويا آهن، اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جو نه سوچيو، اسان جي ملڪ ۾ ڪيترين ئي موسمن سميت الله جون بي شمار نعمتون آهن، هتي اليڪشن ۾ ميٽرو جهڙا منصوبا ٺاهي 5 سال پورا ڪيا وڃن ٿا، اڳتي جي سوچ رکندڙ پنهنجي ??ارن جو سوچيندا آهن، 10 ارب وڻ اسان پنهنجي ??سلن جي لاءِ لڳائي رهيا آهيون، ان ۾ عوام ڀرپور شرڪت ڪري. وزيراعظم چيو ته ٽي چار جاين تي وڻڪاري جي اها مهم هلائينداسين.