اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ضلعي ڪُرم ۾ آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ڳالهائيندي انهن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر شهيدن جي وارثن سان ٽليفونڪ رابطو ڪيو. صدر ڪيپٽن ب??سط علي ۽ سپاهي حضرت بلال جي وارثن سان ڳالهه ٻوله?? ڪئي، صدر شهيدن جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي ۽ وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو. صدر پسني ۾ شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن عفان مسعود جي وارثن سان به ڳالهه ٻوله?? ڪئي، صدر شهيدن جي خدمتن کي خراج تح??ين پيش ڪيو ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.