اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ ??يئ??مين محمد صادق سنجراڻي ا??لامي جمهوري پاڪستان جي ”آزادي جي ڏهاڙي“ تي ملڪ اندر ۽ ٻاهر رهندڙ سمورن پاڪستانين کي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏنيون آهن، هن قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ پوري قوم 14 آگسٽ تي آزادي جو ڏهاڙو نئين جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي، اسان کي يقين رکڻ گهرجي ته اسان جو آزادي جو ڏهاڙو ايندڙ ڏينهن ۾ اسان جي لاءِ سياسي، اقتصادي ۽ سماجي ا??تحڪام جي خوشبري کڻي ايندو. هن چيو ته پوري قوم ڄاڻي ٿي ته گذريل ڪجهه سالن ۾ سڄي دنيا کي ڪورونا وائرس جهڙي خطرناڪ عالمي وبا ??هيري رکيو آهي جنهن جي ڪري سمورن ملڪن جي معيشت، اقتصاديات، تعليم، صحت سميت سمورا شعبا بري طرح متاثر ٿيا آهن، هن چيو ته ڪورونا وبا ??ان بچاءُ لاءِ احتياط سميت حفاظتي قدم ض??ور?? آهن. موجوده حڪومت ان موذي وبا ??ي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪا حڪمت عملي ا??تيار ڪئي آهي اها واکاڻ جوڳي آهي.