اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت صنعتي ترقي جي لاءِ ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪار?? جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري رهي آهي، سيڙپڪاري جي لاءِ هر ممڪن آساني پيدا ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ مقامي ۽ غيرملڪي سيڙپڪار?? جي آساني لاءِ ون ونڊو سروسز پورٽل قائم ??رڻ ۾ عملي اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ون ونڊو سروسز قائم ??رڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيڙپڪاري بورڊ تحت ون ونڊو سروسز پورٽل قائم ??رڻ سيڙپڪارن کي درپيش مشڪلا??ن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ عمل ۾ آندو پيو وڃي. پورٽل نه رڳو انتظامي ۽ قانوني منظوريون حاصل ڪرڻ پر صنع??ن کي سهولت?? جي فراهمي ۾ پڻ مدد ڪندو. ا?? جي لاءِ لاڳاپيل کا??ن کي ٻن مرحلن ۾ پورٽل ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، پورٽل ۾ ڪاغذي ڪارروائي ۽ ڊيجيٽل منظوريون شامل آهن. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پورٽل ۾ نه رڳو وفاقي کاتا ??ر صوبائي کا??ا به شامل ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت صنعتي ترقي جي لاءِ ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪار?? جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪري رهي آهي، سيڙپڪار?? جي لاءِ هر ممڪن آساني پيدا ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته پورٽل جي حوالي سان سمورين ڌرين سان مشاورت ۽ ٺوس ڪوآرڊينيشن کي يقيني بڻايو وڃي، پورٽل کي مقرر مدي اندر قائم ??رڻ ۽ فعال بڻائڻ کي يقيني بڻايو وڃي.