اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان دنيا جي انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي جمهوري عمل جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيا، پاڪستاني ميڊيا خطي جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ آزاد آهي، جمهوريت ۾ اڪثريت جي حڪمراني جي باوجود اقليت جي حقن جو تحفظ اڻٽر آهي، ڀارت ۾ موجوده نظام کي حقيقي جمهوريت سا?? تعبير نٿو ڪري سگهجي، ڀارت ۾ اڪثريت جي حڪومت آهي تنهن هوندي به اقليتن جي حقن کي پائمال ڪيو پيو وڃي. اها ڳالهه هن جمهوريت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تقريب کي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، منصوباندي و??ري وفاقي وزير اسد عمر، انساني حقن و??ري وفاقي وزير شيرين مزاري، ماهر قانون احمر بلال صوفي، قائداعظم يونيورسٽي جي پوليٽيڪس اينڊ آءِ آر ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن فرحان صديقي ۽ ٻين به خطاب ڪيو. وفاقي وزير چيو ته 13 هين صدي ۾ ”ميگناڪارٽا“ جي رائٽس بل جمهوريت جو داغ بيل …….. وڌو. جديد دور ۾ ميگنا ڪارٽا جو ايونٽ 1215 ۾ ٿيو ۽ ان کانپوءِ بل آف رائٽس جو ايونٽ 1628ع ۾ ٿيو، ميگنا ڪارٽا ۽ بل آف رائٽس مارڊرن ڊيموڪريسي کي اپنايو، هن چيو ته موجوده دور انفارميشن جو آهي، جمهوريت ۽ انفارميشن جو چولي دامن جو سا?? آهي، پاڪستان دنيا جي انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي جمهوري عمل جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيا، هن چيو ته پاڪستان جو هڪ وڏو مثال آهي جنهن جو بنياد ئي قائداعظم محمد علي جناح جهڙي اڳواڻ جمهوريت تي رکيو. هن چيو ته جمهوريت ۾ اڪثريت جي حڪمراني جي باوجود اقليت جي حقن جو تحفظ اڻٽر آهي، هن چيو ته جمهوري ٽن بنيادي ٿنڀن تي بيٺل آهي جنهن ۾ انساني حقن، قانون جي حڪمراني ۽ حصيد??ري شامل آهي، ان مان جيڪڏهن هڪ ٿنڀ به نه هجي ته جمهوريت متاثر ٿيندي آهي، هن چيو ته ڀارت ۾ موجوده نظام کي حقيقي جمهوريت سا?? تعبير نٿو ڪري سگهجي، هندستان ۾ اڪثريت جي حڪومت آهي تنهن هوندي به اقليتن جي حقن کي پائمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته خطي جي سمورن ملڪن جي مقابلي ۾ پاڪستان ۾ ميڊيا سڀ کان وڌيڪ آزاد آهي، بدقسمتي سا?? هڪ فيڪ آرڊيننس تي پنج ڏينهن کان وزيراعظم ۽ اطلاعات و??ري وزير جي خلاف ميڊيا ۾ اشتهار شايع ڪيا پيا وڃن، اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته اسان وٽ سياسي پارٽيون ملڪ ۾ جمهوريت چاهين ٿيون تنهن هوندي به پنهنجي اندر جمهوريت آڻڻ جي خلاف آهن، هن چيو ته ڇا ڪنهن جمهوري ملڪ ۾ اهڙو مثال موجود آهي ته هڪ پارٽي جو سربراهه وصيت تي مقرر ٿئي، هن چيو ته ڪيترائي ڀيرا نواز ۽ زرد??ري حڪومت لاءِ پاڻ ۾ ملي ويا ۽ وري پنهنجي مفادن تي هڪ ٻئي جي خلاف به رهيا، ماضي ۾ مولانا فضل الرحمان حڪومت جو حصو رهيو، هن چيو ته بدقسمتي سا?? آئيني ادارن جي اندر خود احتسابي جو نظام به وقت سا?? گڏ زوال پذير ٿيو، هن چيو ته پاڪستان ۾ ميڊيا چوي ٿو ته اهو سڀني تي تنقيد ڪندو تنهن هوندي به ان کي ڪو ريگوليٽ نٿو ڪري سگهي، وفاقي وزير چيو ته جمهوريت کي مضبوط ڪرڻو آهي ته سڀني کي قانون جي تابع ٿيڻو پوندو. جمهوريت جي مضبوطي لاءِ بنيادي انساني حقن جو تحفظ اڻٽر آهي.