اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوشنبي روانو ٿي ويو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم تاجڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم عمرا?? خان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان ٻطرفي ملاقات لاءِ صدارتي محل جو دورو به ڪندو. وزيراعظم ۽ تاجڪستان جي وچ ?? ڪاروباري شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ گڏ??ل بزنس فورم کي به خطاب ڪندو. وزيراعظم دوشنبي ۾ ايس سي او جي 20 هين سربراهي ۾ شرڪت جي موقعي تي اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن سان ملاقات به ڪندو. دوري دوران وزيراعظم ايران ، قزاقستان، بيلاروس ۽ ازبڪستان جي صدرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو، ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وزيراعظم عمرا?? خان تاجڪستان جي صدر سان ملاقات ڪندو، وزيراعظم عمرا?? خان سان هڪ اعليٰ سطحي وزارتي وفد به گڏ هوندو.