اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڊجيٽلائيزيشن ۽ مالي شم??لي?? ۾ عور??ن جي شم??لي?? يقيني بڻائڻ سان مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ اضافو ٿيندو، دنيا جي تاريخ ۾ اسلام پهريون ڀيرو عورتن کي وراثت جو حق ڏئي انهن کي بااختيار بڻايو، عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ عورت پارليامينٽ ميمبرن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران مالي شم??لي?? (فنانشنل انڪليوزن) ۾ عور??ن جي شرڪت ۾ اضافي لاءِ ”هڪجهڙي بئنڪنگ پاليسي“ جي رونمائي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقري?? ۾ ??در جي گهرواريءَ ثمينه علوي، اسٽيٽ بئ??ڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، وفاقي وزير، اسٽيٽ بئ??ڪ جي ڊپٽي گورنر ڊاڪٽر سيمه ڪامل، مختلف بئن??ن جا سربراهه ۽ سي اي اوز، پارليامينٽ جا ميمبر ۽ بئنڪن ۽ مالي ادارن جي عهديدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته عورتن کي مالي طور تي مضبوط بڻائڻ کانسواءِ انهن کي بااختيار نٿو بڻائي سگهجي. دنيا جي تاريخ ۾ اسلام پهريون ڀيرو عورتن کي وراثت جو حق ڏئي انهن کي بااختيار بڻايو ۽ سوره نساءَ ۾ عور??ن جي وراثت ۽ حقن جو تعين ڪيو ويو، انگلينڊ ۾ 20 هين صدي تائين عورتن کي وراثتي ۽ مالي حق نه مليا هئا، صدر چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ ترجيحن جو نئين سري سان تعين ٿي رهيو آهي، جيئن جيئن عورتون بااختيار ٿينديون انهن جو استحصال نه ٿي سگهندو، صدر چيو ته جديد دور جي گهرجن موجب اسان کي پنهنجي معاشري کي سمجهندي ان موجب قدم کڻڻا پوندا. صدر عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان اسٽيٽ بئ??ڪ جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ان حوالي سان مختلف قدم کڻي رهي آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ عورت پارليامينٽ ميمبرن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه خوشي واري آهي ته عور??ن جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان تازن ڏينهن ۾ ڪيترائي اهم قدم کنيا ويا آهن، صدر بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي هڪ تازي فيصلي جي تعريف ڪئي، جنهن ۾ عدالت قرار ڏنو آهي ته جيستائين ڪنهن عورت جي نالي وراثت منتقل نه ٿيندي ان وقت تائين اها جائيداد ڪنهن کي بخشي ۽ تحفي ۾ نٿي ڏئي سگهجي، صدر چيو ته عورتون حقيقي معنيٰ ۾ ان وقت بااختيار هونديون جڏهن پنهنجي مسئلن تي انهن کي اختيار هجي، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻيون بئنڪون 2023ع تائين عور??ن جي بئنڪ اڪائونٽس جي تعداد ۾ اضافي جو جيڪو هدف مقرر ڪيو آهي اهو خوش آئنده آهي، صدر تجويز پيش ڪئي ته جيڪڏهن احساس ڪيش پروگرام جي رقم عور??ن جي رقم ۾ سڌو سنئون منتقل ڪئي وڃي ته ان سان عور??ن جي بئنڪ اڪائونٽس هدف کان وڌيڪ ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته ڊجيٽلائيزيشن ۽ مالي شم??لي?? ۾ عور??ن جي شرڪت ۾ اضافو ٻه اهڙا وڏا عمل آهن جيڪي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ اضافو جو سبب بڻجي سگهن ٿا. آئون سمجهان ٿو ته مالي شم??لي?? جي عمل سان جيئن جيئن عورتون بااختيار ٿينديون معاشري ۾ بهتري ايندي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻيون بئنڪون عورتن لاءِ ننڍا قرض فراهم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيتوڻيڪ انهن قرضن سان عور??ن جو گهربل تعداد فائدو نٿو وٺي سگهي، ان حوالي سان عورتن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ضروري آهي. عور??ن جي غير سرڪاري تنظيمن ۽ عورت پارليامينٽرين کي ان سلسلي ۾ پنهنجو فعال ۽ موثر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اسان سڀ گڏجي هڪ خوبصورت معاشرو جوڙي سگهون ٿا. بعد ۾ اسٽيٽ بئ??ڪ جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر مالي شم??لي?? (فنانشل انڪليوزن) ۾ عور??ن جي شرڪت ۾ اضافي لاءِ ”هڪجهڙي بئنڪن پاليسي“ جا اهم نقطا واضح ڪيا ۽ چيو ته اسٽيٽ بئنڪ پوئتي پيل ۽ گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ مالي خدم??ن جي فراهمي سان گڏوگڏ عور??ن جي مالي شم??لي?? ۾ اضافي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.