اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ??ار??ياماني معاملن بابت مشير ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان چونڊ سڌارن جي عمل تي اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، اپوزيشن جي مطالبي تي سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ جي گڏيل ??ار??ياماني ڪميٽي قائم ڪري آخري ڀيرو اپوزيشن سان ڳالهيون ٿينديون، هر صورت ۾ چونڊ عمل ۾ ڌانڌلي ختم ڪرڻ گهرجي جنهن لاءِ قانون سازيءَ تحت ايندڙ عام چونڊن کي صاف شفاف ۽ منصفاڻو بڻائڻ کي يق??ني بڻايو ويندو. پي آءِ ڊي ۾ ريلوي واري وفاقي وزير، اعظم خان ??واتي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پوري قوم ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ٻُڌائڻ چاهيان ٿو ته حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ۽ اي ووٽنگ جي حوالي سان ??ڳيان وڌي رهيا آهيون. اپوزيشن اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته وزيراعظم عمران ??ان ??ي حڪومت 2023ع جي اليڪشن کي چوري ڪرڻ لاءِ اي وي ايم مشين آڻڻ چاهي ٿي. هن چيو ته سڀ کان پهريان پ پ جي دؤر ۾ 2009ع ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حوالي سان ??ڳڀرائي ٿي، 2014ع کان 2016ع تائين موجوده صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گڏ سڄي اپوزيشن ان ??والي سان ??ليڪشن ڪميشن وئي پر اڄ اهائي اپوزيشن پرجوش انداز ۾ اهو چئي رهي آهي ته پي ٽي آءِ ايندڙ اليڪشن چوري ڪرڻ چاهي ٿي، ايندڙ عام چونڊون عمران ??ان يا تحريڪ انصاف نه ڪرائيندي ان لاءِ مرڪز ۽ صوبن ۾ 120 ڏينهن لاءِ آئين تحت عبوري حڪومت قائم ٿيندي، جيڪا عام چونڊون ڪرائيندي. هن ميڊيا جي نمائندن کي اليڪشن ايڪٽ 2017ع جو هڪ دستاويز ڏيکاريندي چيو ته 2017ع ۾ نواز شريف جي حڪومت هئي ۽ چونڊ سڌارن ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سڌارن لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو ذڪر آيو. هن چيو ته هو اي وي ايم کان ڇو ڊڄي رهيا آهن، اهو ووٽر کي ٻُڌائڻو پوندو ۽ اي ووٽنگ سان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ڇو ووٽ جي حق کان محروم رکيو وڃي. هن چيو ته اپوزيشن جون زباني ڳالهيون ۽ دعويٰ سرڪاري رڪارڊ کان ??نڪار نٿيون ڪري سگهن. 2017ع کان 2021ع تائين 4 سال گذري ويا آهن اسان کي ٻُڌايو وڃي ته اسان ??ن معاملي تي اڳيان ڇو وڌي نه سگهيا آهيون. هن چيو ته اي وي ايم مشين ڌانڌليءَ کي روڪيندي. هن فلپائن جو مثال ڏيندي چيو ته اتي اليڪشن جي موقعي تي قتل ٿيندا هئا پر ٽيون ڀيرو عام چونڊن ۾ اي وي ايم ذريعي اليڪشن ڪرائي وئي جنهن کان 89 سيڪڙو شهرين تسليم ڪيو. هن چيو ته هتي روايت اها رهي آهي ته ماڻهو هتي پنهنجي ۽ رشتيدارن جي گهرن ۾ پولنگ اسٽيشنون لڳرائيندا هئا، فارم 45 بي سڀني کي ناهي ملندو، اسان چاهيون ٿا ته ايندڙ عام چونڊون صاف شفاف ۽ منصفاڻيون ٿين. بابر اعواڻ چيو ته حڪومت ان لاءِ تيار آهي ته اسان قومي اسيمبليءَ ذريعي ٻنهي ايوانن جي گڏيل ??ار??ياماني ڪميٽي ٺاهڻ جي تحريڪ پيش ڪريون. هن چيو ته ڪميٽي ۾ آخري ڀيرو حڪومت اپوزيشن سان چونڊ سڌارن جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي. هن چيو ته اسان چونڊ سڌارن لاءِ قانونسازي ڪنداسين، هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي ريمارڪس بابت حوالو ڏيندي چيو ته هو هڪ ڪيس ۾ چئي چڪو آهي ته اي وي ايم جو تصور ڪو خلائي تصور ناهي. بابر اعواڻ چيو ته چونڊ عمل ۾ اسان ڌانڌلي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. هن ڀارت جو حوالو ڏيندي چيو ته ڀارت ۾ به اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين استعمال ٿي رهي آهي، اسان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان پنهنجو وعدو پورو ڪنداسين، اڃا تائين ته رڳو اي وي ايم ۽ اي ووٽنگ جي حوالي سان ??سان ??ون تجويزون آيون آهن، اسان ??هڙو قانون ٺاهڻ چاهيون ٿا ته جيئن ڪوبه ائين نه چوي ته مان ??ن قانون کي نٿو مڃان، قوم سان واعدو آهي ته جنهن طرح ملڪ ۾ صنعتي ترقي، ايف بي آر ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان ??ڌارا آندا آهن اهڙيءَ طرح ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڌانڌليءَ کان پاڪ اليڪشن جو تصور به آڻينداسين.