اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح 8 ڏهاڪا ??ڳ اها اڳڪٿي ڪئي هئي ته هندو امپيريلسٽ حڪومت هندستان جي مستقبل جو سڀ کان وڏو الميو هوندو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ نريندر مودي ۽ ڀارتيه جنتا پارٽي جي مسلم ڪش پاليسيون ان المئي جو عملي اظهار آهن.