اسلام ??باد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته حڪومت نيب آرڊيننس جاري ڪر?? چڪي آهي، ان حوالي سان مخالف ڌر جي پريس ڪانفرنس چور مچائي شور جي برابر آهي، شاهد خاقان عباسي، خواجه آصف ۽ احسن اقبال تي نيب جا ڪيسز آهن، ايئن لڳي ٿو ته مسلم ليگ (ن) جي سموري قيادت جو پسنديده مشغلو عوام ??ي خدمت نه لُٽ مار هئي، جيتري تڪليف انهن جي چهرن تي هئي ان پريشاني جو سبب 34 نڪتا آهن جيڪي فيٽف قانونسازي جي دوران مخالف ڌر ڏنا هئا، نيب کي بند ڪرڻ جي لاءِ 34 شقون اهي کڻي آيا، ان جو مقصد نيب جون ٽنگون، ٻانهون ٽوڙي ڇڏيون، اکيون ۽ ڪن بند ڪر?? اپاهج بڻائي ڇڏيون، ن ليگ 90ع جي ڏهاڪي ۾ موٽرويز، تحفظ اقتصادي سڌارا ايڪٽ تحت مني لانڊرنگ ڪئي، ٻاهرين ملڪن ۾ جائيدادون ٺاهيون، نيب آرڊيننس تي تنقيد ڪندڙن کي تحفظ اقتصادي سڌارا ايڪٽ 1999ع تي معافي گهرڻ گهرجي. هو قانون انصاف جي پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪر?? رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته 34 شقن ۾ لکيو ويو هو ته هڪ ارب روپين تائين جي ڪر??شن نه آهي، ڪر??شن لکن، ڪر??ڙن ۽ اربن ۾ هوندي اهي، اقتدار ۾ اچي ناجائز ذريعن مان اثاثا ٺاهڻ جي اجازت ڪنهن به صورت ۾ ناهي، اڄ جيڪي نيب آرڊيننس تي تنقيد ڪر?? رهيا آهن، ڪر??شن سان انهن جا هٿ رنڱيل آهن، شريف ڀائر پرويز مشرف جا پير جهلي 10 سالن جي لاءِ ٻاهر هليا ويا هئا، هن چيو ته سندن ڪر??شن تي وڏي ميڊيا فورمز فلمون ٺاهيون ۽ ڪتاب لکيا ويا آهن، شهباز شريف ۽ سندس خاندان تي 7 ارب روپين جي ٽي ٽيز جو ڪيس آهي، هڪ ئي بئنڪ مان ٽي ٽيز نامعلوم ماڻهن موڪليون، ريڙهي واري، پاپڙ واري ۽ فالودي واري جيڪي ڪڏهن خواب ۾ به لنڊن نه ويا انهن جي اڪائونٽس ۾ اربين روپيا مني لانڊرنگ وا??ا موڪليا ويا، هن چيو ته نيب قانونن ۾ نيڪ نيتي سان ترميمون آنديون ويون آهن، ڪاروبار ۾ آساني جي حوالي سان حڪومت قدم کنيا آهن، نيب چيئرمين جي مقرري جي حوالي سان قانون خاموش هو، آئين مان ئي رستو ورتو آ??ي، ڊيڊ لاڪ هجي ته معاملو پارليامينٽ ڏانهن هليو ويندو، پارليامينٽ کي عزت ڏني آهي، پارلياماني ڪميٽي کي شامل ڪرڻ انهن کي خراب لڳي رهيو آ??ي، هن چيو ته نيب آرڊيننس جامع ترميمون آهن، نيب جي نظام ک?? وڌيڪ فعال، مضبوط ڪرڻو آ??ي، جتي جمهوريت ۽ اختيار هوندا آهن اتي احتساب هوندو آ??ي، ان کان نڪمي مخالف ڌر اڄ تائين نه ڏٺي، جيڪڏهن ڪنهن معاملي تي اعتراض آهي ته عدالت ۾ چئلينج ڪر??و، هن چيو ته شوگر ملون لڳائڻ معيشت جو ٻيڙو غرق ڪندڙ (ن) ليگ آهي، عمران خان وزيراعظم بڻجڻ کان اڳ به 60 هزار ڊونرز جو رڪارڊ 16 واليم پيش ڪيا آهن. هن چيو ته مريم چوندي هئي ته لنڊن ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا جائيداد نه آهي، ان کان وڏو ڪوڙ ڪهڙو هوندو، هن چيو ته مشورو آ??ي ته هي آرڊيننس پارليامينٽ ۾ اچڻو آ??ي، اين آر او جي لاءِ 34 شقن کانسواءِ ڪا تجويز آڻڻ چاهين ٿا ان جي آجيان ڪنداسين، اهي چاهين ٿا ته ڪر??شن سدائين جاري رهي، عمران خان انهن جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، عوام ??ان ڪيل واعدن کان پوئتي نه هٽنداسين، اسان احتساب جي عمل ک?? وڌيڪ مضبوط ڪنداسين.