اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته فري ف??ئر پاڪستان ليگ ٽورنامينٽ سان اي اسپورٽس کي ف??وغ ملندو. نوجوان اي اسپورٽس ۾ عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪندا. پاڪستاني نوجوانن ۾ اي اسپورٽس ڪلچر کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن فري ف??ئر پاڪستان ليگ جي ف??ئنل مقابلن ۾ حصو وٺندڙ 12 ٽيمن جي اڳواڻن سان ڳالهائيندي ڪئي. فواد ح??ين چيو ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو قومي سطح تي اي اسپورٽس جو انعقاد خوش آئنده آهي، هن چيو ته فري ف??ئر پاڪستان ۾ ٿيندڙ پهريون اي اسپورٽس ٽورنامينٽ آه?? جيئن جيئن اسان اڳتي وڌندا??ين ان جا ثمر اچڻ شروع ٿيندا، چوڌري فواد ح??ين چيو ته ڪورونا وبا دوران پاڪستاني نوجوانن کي اي اسپورٽس جي ضرورت ۾ هڪ وڏو موقعو ميسر آيو آهي، پاڪستاني ٻار به هاڻي اي اسپورٽس ۾ حصو وٺي وڏا انعام کٽي سگهن ٿا. هن چيو ته گيرينا دنيا جي مشهور ڪمپني آه?? جيڪا بيڪو جي تعاون سان پاڪستان ۾ فري ف??ئر قومي ٽورنامينٽ جو انعقاد ڪري رهي آهي، فري ف??ئر گيم ۾ هڪ ڪروڙ روپين تائين جا انعام آهن، قومي سطح جي مقابلن ۾ کٽيندڙ ٽيم عالمي سطح تي ٿيندڙ مقابلن ۾ حصو وٺي سگهندي. چوڌري فواد ح??ين چيو ته راندين ۾ وڌيڪ دلچسپي رکندڙ ٻارن وٽ موقعا آهن ته هو ننڍي عمر ۾ وڏي رقم کٽي سگهن ٿا، ملاقات ۾ قومي سطح جي ف??ئنل مقابلن ۾ شرڪت ڪندڙ 12 ٽيمن جي ٽيم ليڊرن سميت بيڪو جي ڏکڻ ايشيا جي ريجنل هيڊ جان زانگ ۽ ٻيا نمائندا به موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين فري ف??ئر گرينڊ فائنل ايونٽ ۾ حصو وٺندڙ سڀني ٽيمن جي جر??ين تي صحيح ڪيون ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. فري ف??ئر پاڪستان ليگ جو گرينڊ فائنل 10 آڪٽوبر تي پي سي هوٽل ڪراچي ۾ ٿيندو. گرينڊ فائنل ايونٽ فري ف??ئر اي اسپورٽس پاڪستان جي ٽيوب چئنل ۽ فين پيج سميت پي ٽي وي تي سڌو سنئون نشر ڪيو ويندو.