دبئي – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي سان سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي سربراهن ملاقات ڪئي. صدر ??يو ته پاڪستان جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ون ونڊو آپريشنز ذريعي غيرملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ ڪاروباري موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي سربراهن صدر ??اڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر ??يو ته خصوصي ٽيڪنالاجي زون ??ٿا??ٽي تحت ون ونڊو سهولت جو مقصد غيرملڪي سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي، سهولت فراهم ڪرڻ آهي، وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ عالمي معيار جي ڊيجيٽل ۽ بنيادي ڍانچي جي فراهمي جي لاءِ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز ??ٿا??ٽي قائم ڪئي. صدر ??يو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز ??ٿا??ٽي قائم ڪرن جو مقصد پاڪستان کي ٽيڪنالاجي جي دنيا جي نقشي تي آڻڻ آهي، ٽيڪنالاجي جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ۽ انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري سان ملڪ جي معاشي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. صدر ??يو ته غيرملڪي ڪمپنيون مختلف شعبن خاص طور تي اي بزنس ۾ سيڙپڪاري ڪن، پاڪستان ۾ انٽرنيٽ تائين پهچ وڌائڻ سان معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي. صدر سان ملاقات ڪندڙن ۾ موبيئس ڪيپيٽل پارٽنرز جو باني مارڪ موبيئس، انٿوني چيونگ، ڊريگن ٽيڪ وينچرز مئنيجمينٽ لميٽيڊ جو باني شامل هو. گليڪسي ريسر (اي اسپورٽس) جي شيخ احمد المڪتوم ۽ وچ اوڀر ۽ اوڀر آفريقا جي ماسٽ?? ڪارڊ جي ڊويزن صدر خالد الجبيلي پڻ صدر سان ملاقات ڪئي. بعد ۾ ماسٽ?? ڪارڊ، گليڪسي ريسر (اي اسپورٽس) ۽ شورق پارٽنرز وي سي فنڊز سان گڏ پاڪستان جي خصوصي ٽيڪنالاجي زون ??ٿا??ٽي جي وچ ۾ ٽن مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ٿيون. گليڪسي ريسر پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي اي اسپورٽس ٽورنامينٽس جي ميزباني ڪندو، ڊسمبر ۾ ٿيندڙ اي اسپورٽس مقابلن ۾ هڪ لک ڊالر جي انعامي رقم هوندي. ماسٽ?? ڪارڊ پاڪستان ۾ ايس ٽي زيڊ اي سان اسٽريٽجڪ ڊيجيٽل ڪنٽري حصيداري تي صحيحون ڪيون، معاهدي سان ملڪ جي ڊيجيٽل معيشت کي وڌائي سگهبو ۽ ٽيڪنالاجي جي جديد شعبي کي ترقي ڏئي سگهبي، ماسٽ?? ڪارڊ پاڪستان جو پهريون ڪيش ليس اسپيشل ٽيڪنالاجي زون تيار ڪندو.