اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اڱاري جي ص??ح اسلام آباد پهچي ويو آهي. هو سعودي ولي عه?? شهزاد محمد بن سلمان جي دعوت تي ٽن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب ويو هو. دوري جي پڄاڻي تي هو رياض ۾ سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وز??ر عادل بن احمد ال جبير وز??راعظم کي الوداع ڪيو. دوري تي وز??راعظم سان پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي، توانائي وارو وز??ر حماد اظهر، ناڻي وارو وز??ر شوڪت ترين، وز??راعظم جو خاص مددگار ملڪ امين اسلم به گڏ هئا، وز??راعظم مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽيو سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ اجلاس کي خطاب به ڪيو. هن سعودي ولي عه?? شهزاد محمد بن سلمان سان ملاقات به ڪئي، دوري جي موقعي تي وز??راعظم سعودي عرب پاڪستان انويسٽمينٽ فورم کي به خطاب ڪيو. وز??راعظم وفد جي سان گڏ روضه رسول ﷺ تي حاضري ڏني ۽ مسجد نبوي ۾ نوافل ادا ڪيا، هن عمري جي سعادت به حاصل ڪئي ۽ پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خ??وصي دعا به ڪئي.