اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان عوام جي لاءِ پنهنجو گهر پنهنجو خواب ممڪن بڻائي ر??يو آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گهٽ آمدني وارن گهرن لاءِ 200 ارب ر??پين کان وڌيڪ قرض جون درخواستون مليون آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ فرخ حبيب چيو ته هن وقت تائين 78 ارب ر??پين جا قرض منظور جڏهن ته 18 ارب ر??پين جا قرض فراهم ڪيا ويا آهن. مملڪتي وزير چ??و ته حڪومت ۽ مرڪزي بئنڪ بئڪن کي قرض منظوري جو عمل وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. فرخ حبيب چيو ??ه گهٽ لاڳت وارن گهرن جي قرض لاءِ 57 هزار درخواستون مليون آهن جنهن مان 23 هزار درخواستون قرضن جي لاءِ منظور ٿي چڪيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته باقي درخواستن جي منظوري جو عمل جاري آهي، مملڪتي وزير چ??و ??ه گهٽ آمدني وارن ماڻهن پاران گهرن جي لاءِ قرض درخواستن ۾ روزاني جي بينادن تي اضافو ٿي ر??يو آهي.