اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان بابت بيجنگ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ طالبان دعوت ڏينداسين، جنه?? کي قائل ڪرڻو آهي ا?? کي ميز تي آڻڻو پوندو، پاڪستان ذميوار ملڪ آهي، امن ۽ استحڪام ۾ دنيا جي لاءِ ۽ علائقائي فائدا آهن، بگاڙ پيدا ٿيو ته ڪو به بچي نه سگهندو. ٽرائيڪا پلس کانپوءِ صحافين سا?? ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته مون اجلاس جي شرڪت ڪندڙ?? کي ٻڌايو ته افغانستان جي صورتحال جي حوالي سا?? پاڪستان ذميواراڻو رويو اختيار ڪيو آهي، پاڪستان افغانستان جي سمورن پاڙيسري ملڪن سميت روس کي به گهرايو ۽ هاڻي اسان چين جي طرف وڃي رهيا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته جيڪي اسان پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، اسان ڪنه?? کي قائل ڪري رهيا آهيون جنه?? کي قائل ڪرڻو آهي جيستائ??ن اهو ميز تي نه هوندو ته اهي گفتن، نشتن ۽ برخاستن جي برابر آهي، ان لاءِ ايندڙ ويهڪ ۾ طالبا?? کي هجڻ گهرجي. هن چيو ته بيجنگ اجلاس ۾ طالبا?? کي دعوت ڏينداسين ته جيئن انهن جي خدش?? کي به ٻڌي سگهجي. هن چيو ت?? پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي ۽ ان جا خدشا اسان دنيا سا?? شيئر ڪنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ امن قائم ٿئي ٿو ته ان جا گلوبل ۽ علائقائي فائدا ٿيندا ۽ جيڪڏهن بگاڙ پيدا ٿيو، پاڪستان متاثر ته ٿيندو پر توهان به بچي نه سگهندا، ا??و چوڻ ته يورپ پري آهي ۽ محفوظ آهي. هن چيو ته وساريو نه ۽ تاريخ مان سبق سکو، اسان تاريخ مان سبق سکي ورتو آهي.