پشاور – 25 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٽيڪنيڪي، آءِ ٽي ۽ ورچوئل آن لائين تعليم جو فروغ پائيدار اقتصادي واڌ ۽ ترقي جي ??ان گڏوگڏ مقامي مارڪيٽن ۽ ٻاهرين ملڪ روزگار جي وڏن موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ اڻٽر آهي. انسٽيٽيوٽ آف مينيجمينٽ سائنسز (IMS) حيات آباد ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس جي 35 هين سالياني جنرل ميٽنگ ۽ ڪانفرنس ۾ خاص مهمان جي حيثيت ??ان خطاب ڪندي هن چيو ته موجوده منظرنامي ۾ عالمي علائقائي ۽ مقامي مارڪيٽن آءِ ٽي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ عصري ورچوئل آن لائن تعليم جي شعبن ۾ تيز رفتار ترقي تي زور ڏنو، هن چيو ته ا??ان کي انساني وسيلن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ پنهنجي نوجوانن کي گهربل مهارتن ??ان ليس ڪرڻو آهي ته جيئن هو ملڪي ۽ عالمي منڊين کي مڪمل طور تي ڳولي سگهن. هن چيو ته عالمي ڪمپنيون پاڪستان ۾ آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جون خواهشمند آهن ۽ ا??ان کي هنرمند انساني وسيلن جي ضرورت آهي جيڪي سيڙپڪارن جا مطالبن کي پورو ڪن، صدر چيو ته ملڪ ۾ تعليمي نظام ۾ هڪ مثالي تبديلي کانسواءِ جوڙيل نقطه نظر ۽ ويزن کي سگهه ڏئي سمورا معاشي هدف حاصل ڪرڻ جي سموري صلاحيت موجود آهي، هن چيو ته ڪووڊ 19 وبائي ??رض دوران وزيراعظم عمران خان جي ذهانت ۽ درو انديشي کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو، هن وڌيڪ چيو ته حڪومت کي سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي نه رڳو لکين غريب ماڻهن کي بک ۽ بيروزگاري کان محفوظ رکيو پر ملڪ جي معيشت تي ڪورونا وائرس جي اثرن کي نمايان طور تي گهٽ ڪيو آهي. هن چيو ته تنقيد جي باوجود ا??ان مسجدن کي بند نه ڪيو ۽ ڪووڊ 19 جي دوران نمازين کي پنهنجي مذهبي ذميدارين کي پورو ڪرڻ جي اجازت ڏني. حڪومت جي ايس او پي?? تي عملدرآمد جي پاليسي موثر ۽ انتهائي ??تيجا ڏيندڙ ثابت ٿي. صدر چيو ته هر صورت ۾ مالياتي فائدن کي ترجيح نه ڏيڻ گهرجي پر غريب ماڻهن جي مدد لاءِ زندگي جي انساني رخن تي به غور ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سماجي اقتصادي عدم توازن ۽ دولت جي غير منصفاڻي ورڇ اسرندڙ م??ڪن ۾ غربت جو هڪ وڏو سبب آهي جنهن کي معاشري ۾ برابري، انصاف ۽ ميرٽ کي فروغ ڏئي حل ڪري سگهجي ٿو. صدر عارف علوي چيو ته ا??ان کي عالمي ۽ علائقائي ??ارڪيٽن جي رجحانن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ ان موجب وڌ کان وڌ سرمائي ??اءِ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن خيبرپختونخوا سميت ملڪ جي واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن تي زور ڏنو ته هو سڄي دنيا ۾ نئين منڊين جي ڳولا لاءِ آءِ ٽي پليٽ فارمز جو استعمال ڪن، هن چيو ته سائبر سيڪيورٽي هڪ نئين چئلينج طور اڀري آهي جنهن ??ان نوجوانن کي جديد آءِ ٽي جي تعليم ڏئي ??نهن ڏئي سگهجي ٿو، صدر چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي عالمي حرڪتن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ا??ان جي لاءِ سڀ کان مناسب چونڊ هڪ اهڙو نسل تيار ڪرڻو آهي جيڪو مصنوعتي ذهانت ۽ سائبر سيڪيورٽي جي علم ??ان ليس هجي، صدر عارف علوي چيو ته افغانستان ۾ امن پاڪستان لاءِ گهڻو ضروري آهي، افغانستان ۾ امن ??ان ٻنهي م??ڪن جي سيڙپڪارن ۽ واپارين کي وڏي حد تائين فائدو پهچندو.