اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين لاهور پريس ڪلب جي چونڊن ۾ نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ??ڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، اظهار راءِ جي آزادي سان گڏوگڏ ملڪ ۾ ذميداراڻي صحافت جي فروغ جي ضرروت آهي، حڪومت صحافين کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، صحافي برادري کي ترجيحي بنيادن تي صحت ڪارڊز فراهم ڪيا ويندا. اها ڳالهه هن پنهنجي هڪ بيان ۾ چ??ي، وفاقي وزير لاهور پريس ڪلب جي چونڊن ۾ اعظم چوڌري کي صدر، سليمان قريشي ۽ ناصره عتيق کي نائب صدر، عبدالمجيد ساجد کي سيڪريٽري، سالڪ نواز کي جوائنٽ سيڪريٽري، شيراز حسنات کي فنانس سيڪري??ري چونڊجڻ تي ۽ گورننگ باڊي جي نون چونڊيل ميمبرن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ??حافين جي اجتماعي ۽ انفرادي مسئلن جي ??ل لاءِ هر ممڪن ڪوششون جاري رکنداسين، ميڊيا صنعت کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي ??ل لاءِ شفاف ۽ پائيدار پاليسي تي عمل پيرا آهيون. چوڌري فواد حسين چيو ته ??حافي معاشري جي مسئلن کي اجاگر ڪندا آهن، ميڊيا جي نشاندهي تي ئي حڪومت مسئلن جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ??حافين جي نئين چونڊيل قيادت پنهنجي پيشي ۽ ساٿي صحافين جي مسئلن جي ??ل لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪندي رهندي.