اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه حڪومت کي انٽرنيشنل ٽيڪنيڪل اس??ينڊرڊ ڪميٽي پاران پشاور بي آر ٽي کي گولڊ اس??ينڊرڊ بي آر ٽي سروس جو درجو ڏيڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بي آر ٽي کي انٽرنيشنل ٽيڪنيڪل اس??ينڊرڊ ڪميٽي پاران پشاور بي آر ٽي کي گولڊ اس??ينڊرڊ بي آر ٽي سروس جو درجو ڏيندي 100 مان 97 نمبرز ڏنا ويا آهن جنهن جو مطلب آهي ته اها سروس اٽڪل هر لحاظ کان عالمي معيارن سان هم آهنگ آهي. هن چيو ته پشاور بي آر ٽي شهر ۾ عوامي چرپر جي نظام ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي، آگسٽ 2020ع ۾ ان جي شروعات کان هيستائين 71 ملين کان وڌيڪ ماڻهو ان مان فائدو کڻي چڪا آهن. روزاني جي بنياد تي اڍائي لک ک??ن وڌيڪ شهري ان تي سفر ڪن ٿا جن مان 20 سيڪڙو عورتن کانسواءِ 60 سيڪڙو جو ت??لق گهٽ آمدني واري طبقي سان آهي.