ل??هو?? – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڳوڻي وزيراعظم چوڌري ??جا??ت حسين ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي سا?? ملاقات ڪئي، وزيراعظم عمران خان چوڌري ??جا??ت حسين جي خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ملاق??ت ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي. وزيراعظم عمران خان چيو ته هو دعاڳو آهي ته الله تعاليٰ چوڌري ??جا??ت حسين کي جلد مڪمل صحتيابي فرمائي. چوڌري ??جا??ت حسين عي??دت جي لاءِ اچڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا. پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مخدوم خسرو بختيار، شفقت محمود، حماد اظهر، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ عامر ڊوگر پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. ملاق??ت ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن سالڪ حسين، حسين الاهي کانسواءِ شافع حسين، راسخ الاهي ۽ منتها اشرف، محمد خان ڀٽي پڻ موجود هئا.