اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي منڊي ۾ قيمتون وڌڻ جي باوجود عو??م کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي وڏي سبسڊي ڏئي رهي آهي، اهي قدم اڳ ۾ ڪنهن به حڪومت نه کنيا، موجوده سياسي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ کي عو??م جو اعتماد حاصل آهي، ميمبر پنه??جي تڪن ۾ عو??مي ر??بط?? تيز ڪن ۽ انهن جا مسئلا فوري حل ڪرائين. وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي ميمبرن ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ شير اڪبر خان، سليم الرحمان، ظل هما، چوڌري عامر سلطان چيما، ملڪ عمر اسلم خان، عثمان خان ترڪئي، ارباب عامر ايوب، عمران خٽڪ، جاويد اقبال وڙائچ، عبدالمجيد خان نيازي ۽ نياز احمد جهڪڙ شريڪ ٿيا جڏهن ته خاص معاون ملڪ محمد عامر ڊوگر پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ميمبرن وزيراعظم تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عو??مي ڀلائي جي لاءِ انقلابي قدم کنيا آهن، ڪامياب پاڪستان پروگرام جي ذريعي نوجوانن، عو??تن، غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جي لاءِ بنا وياج قرض فراهم ڪيا پيا وڃن، احساس پروگرام تحت رعايت راشن، تعليمي وظيفن، ايمرجنسي ڪيش، ماءُ ۽ ٻار جي واڌويجهه، خصوصي ماڻهن جي ڪفالت، پناهگاهن ۽ عو??تن جي لاءِ سينٽر ٺاهيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته عالمي منڊي ۾ قيمتون وڌڻ جي باوجود عو??م کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي وڏي سبسڊي ڏئي رهي آهي، هي اهي ??مو??ا قدم آهن جيڪي اڳ ۾ ڪنهن به حڪومت نه کنيا، موجوده سياسي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ کي عو??م جو اعتماد حاصل آهي. وزيراعظم قومي اسيمبلي ميمبرن کي پنه??جي پنه??جي تڪن ۾ عو??مي ر??بط?? تيز ڪرڻ ۽ انهن جا مسئلا فوري حل ڪرائڻ جي تلقين ڪئي.