اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سومر تي هتي اسلامتي ترقيات?? بئنڪ گروپ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد سليمان ا??جا??ر ملاقات ڪئي جيڪو اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان آيل آهي، وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي اسلامي ترقيات?? بئنڪ جي پاڪستان سان پراڻي ۽ قابل اعتماد حصيداري، توانائي، ماليات، مواصلات، تعليم ۽ صحت جهڙن مختلف شعبن ۾ ان جي مدد جو اعتراف ڪيو، هن ڪووڊ – 19 ويڪسين جي خريداري لاءِ پاڪستان سان تعاون کي به ساراهيو جنهن ويڪسين کانسواءِ رهجي ويندڙ آبادي تائين پهچ لاءِ قومي ويڪسينيشن مهم ۾ تمام گهڻو تعاون ڪيو، ڊاڪٽر ا??جا??ر وزيراعظم کي اسلامي ترقيات?? بئنڪ جي پروگرامن جي باري ۾ بريفنگ ڏني جنهن ۾ افغانستان هيومينيٽرين ٽرسٽ فنڊ کي فعال ڪرڻ به شامل آهي جيڪوا فغان عوام جي انساني ۽ معاشي امداد جي ضرورت جي پيش نظر 19 ڊسمبر 2021?? تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ قائم ڪيو ويو هو، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان اسلامي ترقيات?? بئنڪ سان پنهنجي حصيداري کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ مسلسل تعاون ۽ لاڳاپا وڌائڻ جو منتظر آهي.