اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفا??ي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ٽيلي ويزن 4 ارب روپين جو روينيو ٽارگيٽ حاصل ڪيو آهي جيڪو تاريخ جو سڀ کان وڏو روينيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پي ٽي وي جڏهن اسان کي ملي ته مڪمل ڏيوالو نڪتل هئي، اسان مختصر عرصي ۾ پي ٽي وي جي ٻن چئنلز کي ڊج??ٽل ڪيو ۽ پي ٽي وي جو بزنس ماڊل ٺاهي ڇڏيو جنهن جي ڪري پي ٽي وي اڄ انهن ادارن ۾ شامل آهي جيڪي منافعي ۾ آهن. پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 22 پريس ڪلب هن سال ڊجيٽل اس??وڊيوز ۽ ??يب جي لاءِ چونڊيا ويا آهن انهن پريس ڪلبن کي ماڊرن اس??وڊيو ۽ ايڪيوئپمنٽ ملندو جنهن سان مقامي صحافي ڊج??ٽل صحافت جا جديد رموز استعمال ڪري سگهندا، ان اسڪيم ۾ فرنيچر ۽ سائونڊ سسٽم به اپ گريڊ ڪيا ويندا، وفا??ي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پهرين مرحلي ۾ انهن 22 پريس ڪلبن جي فهرست به شيئر ڪئي جنهن ۾ ڊجيٽل اس??وڊيوز جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. انهن پريس ڪلبن ۾ حيدرآباد پريس ڪلب، سکر پريس ڪلب، بدين پريس ڪلب، ٺٽو پريس ڪلب، ملتان پريس ڪلب، فيصل آباد پريس ڪلب، ميانوالي پريس ڪلب، جهلم پريس ڪلب، لاهور پريس ڪلب، جهنگ پريس ڪلب، ڪوئيٽا پريس ڪلب، تربت پريس ڪلب، گوادر پريس ڪلب، حب پريس ڪلب، پشاور پريس ڪلب، چترال پريس ڪلب، بنون پريس ڪلب، ايبٽ آباد پريس ڪلب، اسڪردو پريس ڪلب، گلگت پريس ڪلب، مظفر آباد پريس ڪلب ۽ نيشنل پريس ڪلب اس??ام آباد شامل آهن.