اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پلاننگ ??مي??ن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي تعطل جو شڪار ترقياتي منص??بن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم عوامي فلاحي منص??بن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن پلاننگ ??مي??ن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته ٺوس منصوبابندي سان ٺوس پاليسين جي جوڙجڪ ۽ پاليسين جي تسلسل سان ملڪي معاشي، اقتصادي ترقي يقيني بڻائينداسين. هن هدايت ڪئي ته وزارتون ۽ ڊويزنون گڏيل تعاون کي يقيني بڻائين. هن چيو ته عوامي فلاحي منصوبا وڌيڪ غفلت ۽ نظراندازي جو شڪار نه ٿيندا، ترقي جو سف?? اتان شروع ??هي، جتان رڪيو هو، ملڪ ۽ قوم جو هڪ رپيو به ضايع نه ٿيڻ ڏينداسين.