اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي. اطلا??ات واري وزارت ۾ پنهنجي آفيس اچڻ تي اطلا??ات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت وزارت جي ٻين اعليٰ آفيسرن اطلا??ات ۽ نشري??ت واري وزير جي شاندار آجيان ڪئي، کيس وزارت جي معاملن جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي. مريم اورنگزيب ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته حڪومت اظهار راء?? جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي. هن چيو ته ميڊيا هائوسز، تنظيمن ۽ صحافتي برادري جي ڀلائي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻنداسين. وفاقي وزير پيڪا آرڊيننس 2016ع تي سمورين ڌرين سان مشاورت ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي مثبت ت??خص کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا کي فعال بڻايو ويندو ۽ رياست ۽ ان جي ادارن جي خلاف منفي پروپئگنڊه ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته ملڪي ترقي ۽ حڪومت جي اهم ترقياتي منصوبن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اطلا??ات ۽ نشري??ت واري وزارت جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، ڊرامي ۽ فلم انڊسٽري جي فروغ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. اطلا??ات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي ۽ اي پي پي سميت وزارت جي سمورن اهم ادارن تي هن وقت ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال ۾ عوام کي صحيح معلومات جي فراهمي جي لاءِ وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، اطلا??ات واري وزارت جي عوام کي ٺوس معلومات ۽ خبرن جي فراهمي ۾ اهم ڪردار کي فراموش نه ٿو ڪري سگهجي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اطلا??ات واري وزارت جا سمورا ادارا عوامي مفاد جي ڏس ۾ پيشيواراڻي معاملن کي بهتر انداز ۾ سرانجام ڏيندا. سندس چوڻ هو ته اطلا??ات واري وزارت ۽ ميڊيا ادارن جي وچ ۾ رابطن جو فروغ اسان جي اولين ترجيح آهي. ان موقعي تي اطلا??ات واري سيڪريٽري، پي ٽي وي جي ايم ڊي ۽ اي پي پي جي ايم ڊي سميت وزارت جا ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.