اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي لاءِ اوگرا پاران موڪليل سمري رد ڪري ڇڏي آهي. ناڻي واري وزارت پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته تيل جي قيمتن کي ب??قر??ر رکيو وڃي ۽ قيمت ۾ اضافي جو بار صارفين تي نه وڌو وڃي. اڄ آچر پهرين مئي کان پيٽروليم مصنوعات جون قيتمون 16 اپريل 2022ع جي سطح تي ب??قر??ر رهنديون ۽ پهرين مئي کان به پيٽرول 149.86 روپيا، هائي اسپيڊ ڊيزل 144.15 روپيا ۽ گاسليٽ 125.56 ??ڏه?? ته لائيٽ ڊيزل 118.31 روپين جي پراڻي قيم??ن تي ئي وڪرو ڪيو ويندو.