اسلام آباد – 22 8211; اپريل (اي پي پي) وف??قي ڪابينا ۾ توسيع ڪندي وڌيڪ 4 وزير شامل ڪيا ويا آهن جن ايوان صدر ۾ منعقد هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ حلف کنيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين وف??قي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن کان حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب ۾ وزيراعظم مح??د شهباز شريف، سول ۽ فوجي عملدارن، حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. وف??قي ڪابينا ۾ جن نون وزيرن کي شامل ڪيو ويو آهي انهن ۾ ميان جاويد لطيف، آغا حسن بلوچ ۽ چوڌري سالڪ حسين کي وف??قي وزير بڻايو ويو آهي جڏهن ته مح??د هاشم نوتيزئي کي مملڪتي وزير جي حيثيت سان ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ 19 اپريل تي پهرين مرحلي ۾ ڪابينا ۾ 30 وف??قي وزيرن ۽ 3 مملڪتي وزيرن کي شامل ڪيو ويو هو. ڪابينا ۾ اڳ ۾ ئي 3 صلاحڪارن کي به شامل ڪيو ويو آهي. وف??قي ڪابينا جي حلف برداري کان اڳ وزيراعظم مح??د شهباز شريف پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين ۽ ٻين اتحادي پارٽين جي سربراهن سان ڪابينا جي جوڙجڪ جي لاءِ مشاورت ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ڪابينا کي حتمي شڪل ڏني وئي هئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته مسلم ليگ (ن) جي صدر مح??د شهباز شريف 11 اپريل تي ملڪ جي نئين وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کنيو هو، ان کان اڳ قومي اسيمبلي مح??د شهباز شريف کي 174 ووٽن سان پاڪستان جي 23 هين وزيراعظم جي حيثيت سان چونڊيو هو.