اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف شيشپر گليشيئر ڍنڍ مان پاڻي خارج ٿيڻ سان ٿيندڙ تباهي تي هنگامي قدمن جو ??ڪم ڏيندي چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ محفوظ جاين تي منتقلي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم متاثر علائقن ۾ خوراڪ، دوائون ۽ ضروري هنگامي سامان پهچائڻ جو ??ڪم ڏنو. وزيراعظم وفاقي ادارن ??ي گلگت بلتستان جي حڪومت جي ڀرپور معاونت جو ??ڪم ڏيندي نقصانن ۽ متاثر عوام جي حوالي سان رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعظم شاهراهه قراقرم تي حسن آباد پل ڪري پوڻ سبب متبادل رستو اختيار ڪرڻ، زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي ??ظا?? جي تباهي سان نقصانن، 2 بجلي گهر متاثر ٿيڻ جو ڪاٿو لڳائڻ جي پڻ هدايت ڪندي 700 ۽ 250 ميگاواٽ بجلي گهرن ج?? جنگي بنيادن تي بحالي جو ??ڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي گهرن جي بحالي، مرمت تي خرچ وفاقي حڪومت ادا ڪندي، شاهراهه قراقرم کي ٿيندڙ نقصان بابت پڻ رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته متاثر عوام جي ڀرپور هنگامي مدد ۽ بحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. وزيراعظم متاثر خاندانن سان نقصانن تي همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.