اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وفاق?? ڪابينا تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي خوني لانگ مارچ ۽ سياست ۽ وفاقي گادي واري شهر ت?? ڪاهه ڪرڻ بابت خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي بيانن جو سخت نوٽيس وٺندي ان تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته گهرو وزير ران?? ثناءُ الله خان چيو آهي ته رياست مخالف ڪو به لانگ مارچ ٿيو ته ان سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. وفاق?? ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. وفاق?? ڪابينا عوام کي عمران خان جي 25 مئي جي لانگ مارچ کي رد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ميڊيا ۽ اطلاعات واري وزارت جي عوام لاءِ هٿياربند جٿن ۽ ان جي اصل چهرن جي حقيقتن تي ٻڌل رپورٽنگ واکاڻ جوڳي آهي، وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته هن گهرو وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي هئي ته ڪنهن به اه??ڪار وٽ هٿيار نه هئڻ گهرجي، گهرو وزير ران?? ثناءُ الله اجلاس کي ٻڌايو ته ڪنهن به اه??ڪار وٽ هٿيار نه هو، وفاق?? ڪابينا قانون لاڳو ڪندڙ سڀني اه??ڪارن کي پنهنجا فرض چڱي ر??ت نڀائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم گهرو وفاقي وزير ران?? ثناءُ الله، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره سميت 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، گهرو وزير اجلاس کي ٻڌايو ته رياست مخالف ڪابه لانگ مارچ ٿي ته ان سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. مولانا اسعد محمود لانگ مارچ رد ڪرڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏني ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو، وفاق?? ڪابينا پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاران 25 مئي جي خوني مارچ جي اعلان ۽ پي ٽي آءِ ج?? ڪارڪنن پاران هٿيارن سان اسلام آباد تي حملي جو سختي سان نوٽيس ورتو ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. گهرو وزير ران?? ثناءُ الله لانگ مارچ کي رد ڪرڻ تي عوام ۽ لانگ مارچ دوران خدمتون سرانجام ڏيڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اه??ڪارن جو ٿورو ادا ڪيو، ران?? ثناءُ الله ڪابينا کي ٻڌايو ته 25 مئي تي پي ٽي آءِ پاران لانگ مارچ ڪا سياسي سرگرمي نه هئي، پر رياست مخالف سوچيل سمجهيل سازش هئي، خيبرپختونخوا حڪومت جي وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي پي ٽي آءِ هڪ ڏينهن پهريون ڪي پي هائوس ۾ هٿياربند جٿن کي گڏ ڪيو، گلگت بلتستان جي وڏي وزير به پوليس تي حملو ڪيو، ران?? ثناءُ الله چيو ته اها ڪا سياسي سرگرمي نه پر واضح طور تي ر??است تي حملي جي ڪوشش هئي، وفاق?? ڪابينا خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي بيان جو به نوٽيس ورتو ۽ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته هن ڀيري اسان پوري قوت سان رياست ۽ وفاقي گادي واري شهر تي حملو ڪنداسين.