اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ش??يف چيو آهي ته اسان جي حڪومت جي نئين افغان ويزا پاليسي ضرورت جي وقت پنهنجي افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي امداد جي اسان جي ڪوششن جو هڪ حصو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ٽرانزٽ ويزا جي منظوري سان افغانين کي اڳتي جي سفر جي لاءِ ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ ?? مدد ملندي. وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته انهن کي به افغانستان جي ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي.