??سل??م آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گورننس ايڪشن ميٽرڪس جي حوالي سان اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي انتظامي معاملن جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته عوام جي رليف، شڪايتن جي داخلا کان وٺي حل، کليل ڪچهرين منعقد ڪرڻ، مال کاتي بابت مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل، ون ون??و آپريشن جو قيام، سرڪاري آفيسن ۾ عوام جي سهولتڪاري ۽ مقامي سطح تي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدمن جو عملي طور تي نفاذ ٿي چڪو آ??ي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ گورننس جي بهتري کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڏي پئماني تي قدمن تي عملدرآمد جو سلسلو شروع ڪيو و??و آهي ان ۾ تيزي آندي پئي وڃي، وزيراعظم کي خيبرپختونخوا ۾ به شڪايتن جي وقت سر ازالي، ضم ٿيل ضلعن جي انتظاميه سا?? ڪوآرڊينيشن، روزمره جي استعمال جي شين جي قيمتن جي ڪڙي نگراني ۽ ان جي نتيجي ۾ ??وب?? ۾ اٽي جي قيمت ۾ واضح گهٽتائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو.