اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير زرتاج گل چيو آهي ته گڏيل قومن جي م??سمياتي تبديلي ??ابت فريم ورڪ ڪنوينشن پاڪستان جي گرين هائوس گئسن جي اخراج بابت ڊيٽا کي سائنسي لحاظ کان ڀارت ج?? مقابلي ۾ وڌيڪ قابل اعتبار قرار ڏنو آهي، موسمياتي تبدي??ين جو سبب بڻجندڙ گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نه هئڻ جي برابر آهي، پر ان کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. اها ڳالهه هن قومي اسيمبلي ??ي م??سمياتي تبدي??ين بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻڌائي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبلي ??ي م??مبر منزه حسن جي صدارت ۾ ٿيو. زرتاج گل چيو ته پاڪستان پنهنجي محدود وسيلن ۽ گڏيل قومن جي م??سمياتي تبدي??ين بابت فريم ورڪ ڪنوينشن جي مدد کانسواءِ آلودگي جو سبب بڻجندڙ گرين هائوس گئسن جي اخر??ج کي روڪڻ جا ٺوس قدم کڻي رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان 1994ع کان گڏيل قومن جي م??سمياتي تبدي??ين بابت فريم ورڪ ڪنوينشن جو ميمبر آهي، جنهن اسرندڙ ملڪن کي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي آڻڻ جي سلسلي ۾ مالي مدد، ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ۽ سگهه وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، مملڪتي وزير چيو ته گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نه هئڻ جي برابر آهي، پر ان جي باوجود موسمياتي تبدي??ين جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون.