اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جي 3 رڪني ڪميٽي سان ملاقات ڪئي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته اه?? ڪميٽي گذريل مهيني ڌرڻو هڻندڙ 13 خاندانن جي نمائندگي ڪري رهي آ??ي، وزيراعظم عمران خ??ن ان موقعي تي پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري اع??م خان کي ٽاسڪ ڏنو ته هو فوري طور تي انهن گم ٿيل ماڻهن جي درست صورتحال معلوم ڪري. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪميٽي کي اڳڀرائي کان آگاهه رکيو ويندو.