اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيني هم منصب لي ڪي چيانگ سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي ق??ام جي 70 هين سالگرهه، ٻه طرفي لاڳاپن ۽ ڪو??ونا ويڪسين جي فراهمي ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيني هم منصب ۽ قيادت کي مريخ تي چيني خلائي جهاز جي ڪا??يا?? لينڊنگ تي مبارڪباد پيش ڪئي جنهن سان چين جي وڌندڙ ٽيڪينڪي صلاحيت کي اجاگر ڪيو، وزيراعظم عمران خان زور ڏيندي چ??و ته گذريل سالن دوران گڏيل ۽ اڻٿڪ ڪو??شن سان پاڪستان ۽ چين پنهنجي لاڳاپن کي سدابهار وڌندڙ حصيداري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، چين پاڪستان اقتصادي لن??هه (سي پيڪ) بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو فلينگ شپ منصوبو آهي ۽ ان سان معاشي سرگرمين کي تيز ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ويا آهن ۽ ان سان ٻه طرفا ۽ علائقائي واپار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن چ??و ته سال 2021ع هڪ خاص موقعو آهي، ڇاڪاڻ جو اهو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي ق??ام جي 17 هين سالگرهه جو سال آهي، جنهن کي ٻئي ڌريون ڀرپور انداز ۾ ملهائينديون، وزيراعظم ان موقعي تي چيني وزيراعظم کي مبارڪباد پيش ڪئي، وزيراعظم عمران خان ڪوووڊ 19 مان سرخرو ٿيڻ ۾ پاڪ چين تعاون تي روشني وجهندي ڪو??ونا ويڪسين جي فراهمي ۾ چين جي پاڪستان کي جاري مدد تي دل جي گهراين سان واکاڻ ڪئي.