اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) پرڏيهي ??زير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان مان پرڏيهي ??وج جي واپسيءَ بعد عالمي برادريءَ جي مسلسل رابطن جي ضرورت آهي. يورپي يونين ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي منظم ۽ سنگين ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي. پرڏيهي ??زير انطاليه ڊپلوميسي فورم جي اجلاس جي موقعي تي ترڪيءَ ۾ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي جوزف بورئيل سان ??لا??ات ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ٻه طرفن ناتن، علائقائي صور??حا?? ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي غور ويچار ڪيو. ??لا??ات ۾ افغان امن عمل ۽ غير قانوني طور ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ معاملن تي به غور ويچار ڪيو. پرڏيهي ??زير چيو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان تي عملدرآمد سان ٻه طرفه ناتا وڌيڪ مضبوط ٿيا. شاهه محمود قريشي چيو ته جي ا??س پي پلس ٻه طرفي طور فائديمند ثابت ٿيو، ٻنهي طرفن جي وا??ار کي هٿي وٺرائڻ ۾ ان اهم ڪردار ادا ڪيو. جي ا??س پي پلس جي تسلسل سهڪار سان پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ملڪن ۾ معيشت ۽ وا??ار وڌيڪ وڌڻ ۾ مدد ملندي. پرڏيهي ??زير پاڪستان طرفان جي ا??س پي پلس بابت 27 نڪاتي انٽرنيشنل ڪنويشنز تي عملدرآمد جو يقين ڏياريو. پرڏيهي ??زير چيو ته پاڪستان، ايف اي ٽي ايف طرفان اُٿاريل 27 نُڪتن مان 26 نُڪتن تي عملدرآمد ڪري چڪو آهي، اميد آهي ته ايف اي ٽي ايف جي ايندڙ اجلاس ۾ پاڪستان جي سنجيده ڪوششن کي نظر ۾ رکندي گري لسٽ جي فيصلي تي نظرثاني ڪئي ويندي. ٻنهي اڳواڻن ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي معاملن تي به ڳالهايو.