اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو آهي ته پي ڊي ايم سياسي بيروزگارن جو ميڙ آهي، استعيفائون، ڌرڻا، لانگ مارچ ۽ عدم اعتماد انهن جون سڀئي دعوائون ناڪام ٿي ويون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو ته هاڻي هڪ ئي رستو آهي پارليامينٽ شفاف چونڊن لاءِ چونڊ سڌارن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ م??ين ۽ ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏيڻ جي قانونسازي ڪري.