اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف لکين ماڻهن جو اسلام آباد ۾ ميڙ ڪرڻ بدران پنهنجي ڀاءُ کي برطانيا مان وطن واپس گهرائي، جهڙي طرح هو ??المي طاقتن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا اهو ??رم جو سبب آهي، پوري دنيا جو ڌيان هن وقت افغانستان تي آهي جڏهن ته مسلم ليگ (ن) ان بابت هڪ لفظ نه چيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهباز شريف جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ظاهر ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ صبح شهباز شريف قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي کل جوڳي پريس ڪانفرنس ڪئي، کيس مشورو آهي ته جيڪڏهن کل ڀوڳ جي موڊ ۾ هجي ته اهڙي جڳهه تي نه وڃي پر پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪري. چوڌري فواد حسين چيو ته هو لکين ماڻهن جو اسلام آباد ۾ ميڙ ڪرڻ بدران پنهنجي ڀاءُ کي برطانيا مان واپس گهرائي، شهباز شريف جو ڀاءُ وطن واپس اچي پنهنجي خلاف ڪيسن کي م??هن ڏي. هن پنهنجي ڏوهٽي جي شادي تي هڪ ملين ڊالر خرچ ڪيا ۽ رات جو شهباز شريف ۽ نواز شريف پاڪستاني عوام جي لاءِ مهانگائي تي ڳوڙها واهيا، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته هو پاڪستان جي مسئلن بابت سنجيده نه آهن. هن چيو ته ا??هن جو خاندان اربين رپين جون عياشيون ڪري رهيو آهي هڪ تقريب تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري رهيو آهي، ٻئي طرف توهان مهانگائي جو گوڙ ڪري رهيا آهيو، مهانگائي سميت سمورين حالتن کي عوام کي م??هن ڏيڻو آهي، ا??هن کي لنڊن ۾و يهي پاڪستاني عوام جي جيتري پرواهه آهي اسان کي خبر آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته شهباز شريف جي خلاف ڪيسن جي جيڪا صورتحال آهي ان ۾ هو ??ياست ڇڏي ڏي ۽ پنهنجي وڪيلن سان گڏ وڌيڪ وقت گذاري، جهڙي طرح جون حالتون آهن لڳي نه ٿو ته هو گهڻو عرصو جلسن کي خطاب ڪري سگهندو، ان جي خلاف مضبوط ڪيسز آهن جلد ئي ا??هن جو فيصلو ٿيندو. هن چيو ته (ن) ليگ جي سياست جي من??فق?? جو اندازو ان ڳا??هه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ا??هن افغانستان جي صورتحال تي ڪا ڳا??هه نه ڪئي، هو چاهين ٿا ته نواز شريف برطانيا ۾ خوش رهي ۽ برطانيا ۽ آمريڪا ا??هن کان خوش رهن. هن چيو ته جهڙي طرح اهي عالمي طاقتن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا اهو ??رم جو سبب آهي، شهباز شريف کي گهرجي ته في الحال سياست تي گهٽ ڌيان ڏي ڇو ته سندس پارٽي ۾ اهو ٽاس ٿي رهيو هوندو آهي ته هن مهيني هو ??در آهي، اڳئين ڀيري مريم نواز ۽ ان کان اڳئين ڀيري شاهد خاقان عباسي صدر هوندو.