اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪي سلامتي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هٿياربند فوج، پوليس، انٽيليجنس ايجنسين ۽ ??ين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ج?? لازوال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته نظرثاني ٿيل قومي ايڪشن پلان تحت طئي ڪيل ??هٽ?? وچولي ۽ ڊگهي مدي وارا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ موثر قدمن ۽ رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان ج?? صدارت ۾ قومي ايڪشن پلان ج?? اعليٰ سطح جي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، ڊي جي آءِ ايس آءِ، قومي سلامتي واري صلاحڪار، چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان ج?? وڏن وزيرن، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم، وفاقي سيڪريٽرين، چيف سيڪريٽرين، آءِ جي ۽ ??ين اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي ايڪشن پلان ج?? مختلف هصن تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورت?? ويو. ڪميٽي پاڙيسري ملڪ افغانستان ج?? صورتحال ۽ ملڪ تي ان ج?? ممڪن اثرن سميت ٻي اڳڀرائي تي غور ڪيو. ڪميٽي نظرثاني ٿيل قومي ايڪشن پلان ج?? گهٽ ۽ وچولي مدي وارن هدفن ج?? جائزو ورتو ۽ سمورين ڌرين بشمول وفاق، صوبن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ج?? ذميوارين ج?? پڻ جائزو ورتو، ان موقعي تي فيصلو ڪي?? ويو ته هر هدف جي بنيادي ڪارڪردگي اعشاريه متعين ڪيا ويندا ته جيئن مقرر وقت ۾ سمورا هدف حاصل ڪري سگهجن. اجلاس ۾ فيصلو ڪي?? ويو ته سائبر سيڪيورٽي، عدالتي ۽ سول سڌارن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ج?? صلاحيت ۾ اضافي، پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي ۽ قومي سلامتي سان سڌوسنئون واڳيل ??ين سيڪيورٽي چئلينجن کي فوري منهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف قدمن تي تيزي سان عملدرآمد ڪي?? ويندو. عالمي سلامتي جي مسئلن بابت اطلاع جي وقت سر، صحيح ۽ خوش اسلوبي سان وهڪري کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان نيشنل ڪرائسز، انفارميشن، مئنيجمينٽ سيل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪي?? ويو جنهن ج?? قيادت گهرو وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت ڪدنيون. اجلاس دوران سي پيڪ ۽ ملڪ ۾ سي پيڪ کان هٽي منصوبن تي ڪم ڪندڙ غيرملڪي خاص طور تي چيني شهرين ج?? فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مختلف قدمن ج?? جائزو ورت?? ويو. اجلاس ۾ امن امان ج?? حوالي سان تازن ڪجهه قدمن سميت ملڪي صورتحال ??و پڻ جائزو ورت?? ويو. ان موقعي تي فيصلو ڪي?? ويو ته ملڪي سلامتي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا ويندا ۽ شرپسند عنصرن کي پوري قوت سان منهن ڏن?? ويندو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي خلاف جنگ ۾ قوم وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. هن ملڪي سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هٿياربند فوج، انٽيليجنس ايجنسين ۽ ??ين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ج?? اهم ڪردار ۽ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم زور ڏنو ته نظرثاني ٿيل قومي ايڪشن پلان تحت ڪيل ??هٽ?? وچولي ۽ ڊگهي مدي وارا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ موثر قدمن ۽ رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي.