اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته موجوده حڪومت جي سمورين پاليسين جو ??قصد قيمتن ۾ اضافي جو بار گهٽ کان گهٽ عوام تائين منتقل ڪرڻ آهي، سمورن قدمن جو ??قصد عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ آهي. هو ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين، خاص مددگار جمشيد اقبال چيمه سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزي??اع??م عمران خان ضروري شين جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جون هدايتون ڏئي رکيون آهن، هن ٻڌايو ته نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جو ??فتيوار جلاس اربع ڏينهن وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ سڄي ملڪ جي سطح تي 22 ڪروڙ عوام جي روزاني جي بنياد تي استعمال ٿيندڙ س??ن جي قيمتن جو جائزو ورتو ويو. قيمتن کي ڪيئن عوام جي پهچ تائين رکون ان حوالي سان ان پليٽ فارم تان فيصلا سازي ٿيندي آهي، هن چيو ته وزي??اع??م عمران خان جي عام ۽ محدود وسيلن وارن ماڻهن جو احساس آهي، موجوده حڪومت جي سمورين پاليسين جو ??حور ۽ مرڪز عام ماڻهو آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي ڪووڊ جي دوران حالتون معمول تي نه آهن، پوري دنيا کي قيمتن ۾ اضافو درپيش آهي، شين جي پهچ لاءِ شپمنٽ ۾ بي شمار اضافو ٿيو آهي.